ميرپور بٺورو (ن  پ ا)  جعفرا واھ 18 آر ڊي کان لڳل گھارو ھڪ مھينو گذرڻ باوجود به بند ناھي ڪرايو ويو، جنهن ڪري آبادگارن جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي، چيٽ جي پوکي سميت ڪمند جي ڪرايل پوکي ۽ چوپائي مال جو چارو پوکڻ لاءِ پاڻي ناھي پھچي سگھيو، روڊ ٺاھيندڙٺيڪيدار عمير چنا ۽ آبپاشي انجنيئر مڪيش ڪمار جي مبينالاپرواهي ۽ نااهليءَ خلاف آبادگارن پنھل سولنگي،حافظ نعيم زئنور، غلام محمد سولنگي، سليم زنگيزو،علي گوھر چانڊيو،تنوير سولنگي، گل حسن زئور، عباس زنگيزو، محبوب سولنگي، مشتاق زئنور، سھيل احمد سولنگي، محمد امين زئنور، موسيٰ زنگيزو ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ٺيڪيدار عمير چنا ۽ آبپاشي انجنيئر مڪيش ڪمار خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ جعفرا واھ جي بند کي ڀرائي ڪرائي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن اسان کي وقت سر پاڻي پھچي سگھي ٻي صورتَ ۾اسان احتجاج جي دائري کي وڌائيندي، مين روڊ تي ڌرڻا هڻنداسين.