ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺوري ۾ زخمي ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ناسور بڻيل زخم وارا ڪتا شهر جي مختلف پاڙن ۾ وڏي تعداد ۾ گهمڻ لڳا آهن، جنهن سبب بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي مختلف علائقن احمد شاهه محلي، وروشاهه پاڙي، تلاءُ چوڪ، ميمڻ محلي ،علي بندر محلي، نئون تلاءُ محلي ۽ ٻين علائقن ۾ رولو زخمي ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، صحافين سان ڳالهائيندي شهرين نعمان شورو، تابع علي قمبراڻي، امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين چيو آهي ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران رولو ڪتا نه مارڻ سبب وڏي تعداد ۾ شهر جي مختلف پاڙن ۾ رولو ڪتا گهمي رهيا آهن جڏهن ته ڪافي اهڙا به ڪتا آهن جن کي ڪافي زخم رسيل آهن جن زخمن مان رت وهي رهيو آهي، هنن چيو ته صبح سوير اسڪول ويندڙ ٻارڙا ۽ بزرگ شهري اهڙن ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ناسور بڻيل زخمن مان بيماريون ڦهلجڻ جو پڻ خطرو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي ۽ معصوم ٻارڙن توڙي شهرين جون حياتيون بچايون وڃن.