ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ۾ نياڻين کي اسڪالرشپ جا پئسا نه ملڻ خلاف شورائي محلي جي رهواسي پاران اسڪول جي هيڊ ماستر خلاف احتجاج ڪيو ويو، يامين قمبراڻي احتجاج ڪندي چيو ته سندس ٻه نياڻيون مدرسه عثمانيه اسڪول ۾ پڙهنديون آهن، جن جي اسڪالرشپ جا پيئسا تعليم کاتي پاران آيا آهن ان لاءِ بار بار ھيڊ ماستر عبدالغني لوهار کي فارم تي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ ڪيترا ڀيرا هن جون نياڻيون فارم صحيح ڪرائڻ لاءِ استاد جي گهر ويون آهن پر هيڊ ماستر فارم صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وس وارن کان مطالبو آهي ته نوٽيس وٺي نياڻين کي اسڪالرشپ ڏياري بدمست استاد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.