ميرپوربٺورو(ن پ ا) ميرپوربٺورو شهر جي مين اسٽاپ تي جهوپڙيون اڏي ويهندڙ ڪهيري برادري جي رهواسي عورتن ۽ مردن پاران سندن شادي شدهه ناري عاصما زال شعيب ڪهيري ۽ ان سان گڏ 8 سالن جي ڌيءَ ناز گل جي مبينا طور اغوا خلاف ناري جي مڙس شعيب ڪهيري، ناري جي پيءُ راڻو ڪهيري، علي گوهر ڪهيري، شبانا ڪهيري، پٺاڻي ڪهيري ۽ عاليا ڪهيري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مبينا طور اغوا ٿي ويل ناري جي مڙس شعيب ڪهيري ٻڌايو ته اسان غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهيون ميرپوربٺورو شهر جي مين اسٽاپ تي جهوپڙيون اڏي ويٺل آهيون، هن چيو ته کرا پني پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ پاليون ٿا 20 آڪٽوبر تي به جھوڪ شريف شهر ڀرسان ٻچا وٺي کرا پنڻ وياسين ته ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ پانڌي خاصخيلي جي رهواسي مولا بخش عرف مولو خاصخيلي هٿيارن جي زور تي منهنجي زال عاصما ۽ ان سان گڏ معصوم ڌيءَ ناز گل کي زوري اغوا ڪري کڻي ويو آهي، ڪهيري برادري جي عورتن ۽ مردن احتجاج ڪندي چيو ته اسان اهڙي زيادتي جي خلاف ۽ ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دانهن ميرپوربٺورو ۽ جھوڪ شريف ٿاڻن تي کڻي وياسين ته اسان کي انصاف ڏيارڻ جي بجاءِ ٿاڻن مان ئي ٻاهر نڪري وڃڻ جو چيو ويو، انهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته کين سندن شادي شدهه عورت ۽ معصوم نياڻي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.