ميرپوربٺورو(ن پ ا) ميرپوربٺورو تعلقي جي يونين ڪائونسل سيد علي اڪبر شاهه جي پرائمري اسڪول مٺو زنئور کي عمارت نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ معصوم شاگردن تتل روڊ تي ويھي ميرپور بٺورو جھوڪ شريف روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاجي ڪيو، ان موقعي تي شريڪ نياز زنئور، مختيار زنئور، استاد جاويد زنئور، پيربخش زنئور، رشيد زنئور ۽ ڪامران زنئور ڳالهائيندي چيو ته ڪيتري عرصي کان وٺي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مٺو زنئور جي عمارت نه ھجڻ سبب شاگرد کليل آسمان ھيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آھن، عمارت نه ھجڻ سبب بنيادي سهولتن جو وڏو فقدان آهي، جنھن سبب معصوم شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رھيا آھن، ھنن تعليم جي صوبائي وزير سردار شاهه ۽ سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائندن کان سخت مطالبو ڪندي چيو آھي ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول مٺو زنئور جي عمارت جلد کان جلد منظور ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن تعليمي حوالي سان متاثر بڻيل سوين معصوم شاگردن جو مستقبل بچي سگھي.