سجاول/ميرپوربٺورو(رپورٽر+ن پ ا) ميرپور بٺورو تعلقي ۾ لکين ايڪڙ زمين آباد ڪندڙ ۽ شهرن ۽ ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ گنج بحر ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن گهاڙي واهه، جعفرا واھه، فتح واهه، چور واهه، بگهاڙ واهه ۽ ڇنڊڻ شاخ سميت مختلف شاخن ۾ لاڳيتو پاڻي کوٽ جي خلاف وڏي تعداد ۾آبادگارن ۽ هارين پاران سرائي آڪاش زنئور، حاجي موسي کٽي، اياز ميمڻ، شفيع محمد زنئور، عبدالرزاق لنڊ، لطيف زنئور، ايڊووڪيٽ دائود زنئور، اشرف چانڊيو ۽ سرائي عمران زنئور جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري گنج بحر ڪئنال کي پاڻي ڏيو، ميرپوربٺورو تعلقي کي پاڻي ڏيو، گنج بحر ڪئنال سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪريو ۽ پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن ۽ هارين ڳالهائيندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب ميرپوربٺورو تعلقو پاڻي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيو آهي، انهن چيو ته گنج بحر ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۾ لاڳيتو پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب نه رڳو زرعي فصل سوڪهڙي جو شڪار آهن پر انساني آبادي ۽ جانورن جي پيئڻ جي لاءِ به پاڻي ناهي، انهن چيو ته پاڻي کوٽ سبب فصلن جي اپت گهٽ لهڻ جي ڪري کين وڏومعاشي نقصان برداشت ڪرڻو پئجي ويندو.