ميرپوربٺورو/جهوڪ شريف(نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌو درياءَ مان ڇھه ڪئنال ڪڍڻ خلاف صوفي شاھه عنايت شھيد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ايڊووڪيٽ دائود زنئور، محرم ٺاراڻي ۽ اسرار زنئور ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ جي زمينن کي بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌو درياءَ کانسواءِ سنڌين جو جياپو ممڪن ناھي، سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ سراپاءِ احتجاج بڻيل آھي، پر اقتداري ڌر مسلسل سنڌ جي شعور کي نظرانداز ڪري رھي آھي، ھنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڇھه ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌين جي معاشي زندگي تباھي جي ور چڙھي ويندي ۽ ساحلي پٽي جا علائقا پڻ وڏي تباھي برپا ڪري وجھندا تنھنڪري سنڌو درياءَ تي ڪو به ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو، انڪري حڪمران ڪئنال ٺاهڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين، قوم بيدار ٿي چڪي آهي.