ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڌرڻي کان واپسي ايندي ڳوٺ غازي خان چانگ جا رهواسي 17 ڏينھن اڳ حيدرآباد مان رياستي ادارن ۽ پوليس ھٿان کنڀي گم ڪيا 3 نوجوانم جي آزادي لاءِ کورواهه اسٽاپ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مھر شاهه چوڪ، جي ايم سيد چوڪ کان ٿيندي مين بس اسٽاپ تائين پھتي. ريلي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، قومي پارٽي جي ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، قادربخش زئور، قومي ڪارڪن شفيع محمد زنئور ۽ ٻين چيو ته 17 ڏينھن اڳ ڳوٺ غازي خان چانگ جي راھوسي شاگرد عامر لطيف چانگ، شعيب چانگ، شعبان چانگ کي ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڌرڻي کان واپسي اچي رھيا ھئا ته حيدرآباد جي حدن مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيا آھن، ھن چيو ته بناجواز نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آھن، نوجوان جو ڏوهه اهو ھو ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا 17 ڏينھن گذري چڪا آهن پر نوجوان کي آزاد ناھي ڪيو ويو، هنن چيو ته نوجوانن کي آزاد ڪري وارثن مان بيچني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي