ميرپوربٺورو(ن پ ا)ميرپور بٺورو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف بگهاڙ واھ جي آبادگارن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ميرپوربٺورو جي محمود واھ مان نڪرندڙ بي سي بگهاڙ واھ جي پوڇڙ جي آبادگارن واحد ڏنو پرهياڙ، حيدر اڍيجو جي اڳواڻي ۾ سجاول بٺورو روڊ تي محمود واھ اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، آبادگارن جي ڌرڻي سبب سجاول ٻٺورو روڊ بلاڪ ٿي ويو. آبادگارن پاران پوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، آبادگارن چيو ته سارين جي مند ۾ بگهاڙ واھ جا آبادگار پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن ۽ لکين رپين جي لاڳت سان پوکيل سارين جو فصل سڙي تباھ رهيو آهي جڏهن ته مٿان کان پاڻي هئڻ باوجود بگهاڙ واھ ۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي، هنن چيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب آبادگار معاشي طور تباه ٿي رهيا آهن جيڪڏهن بگهاڙ واھ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته روزاني جي بنياد تي ڌرڻا هنيا ويندا هوڏانهن آبپاشي عملدارن آبادگارن سان ڳالهيون ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو