ميرپور بٺورو (ن پ ا) جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌ جي وسيلن تي قبضي، فاطمه ڦرڙو ۽ ڪراچي ۾ قتل ٿيل شاھدا ملاح جي ناحق قتل توڙي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ميرپوربٺورو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، انهي سلسلي ۾ قومي پارٽي اڳواڻ قادربخش زنئور، دلدار ملاح ۽ اسرار زئور جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي، انھي موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي وفاق جو قبضو آھي جڏھن ته ڌرتي ڌڻي بک بدحالي جو شڪار آھن، هنن چيو ته سنڌ جو امن خطري ھيٺ آھي ۽ نياڻيون به محفوظ نه آهن، روزاني گھرن اندر نياڻين جي قتل جا واقعا ٿين ٿا ليڪن اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي عبرت جو نشان ناهي بڻايو ويو، هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۾ تيزي سان واڌارو ٿي رھيو آھي جڏھن ته ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ تڪليفن جو شڪار ٿي آھي، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ مان بک بيروزگاري ختم ڪئي وڃي.