ميرپور بٺورو(ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو وڌندڙ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ يوسف ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران کورواھ چوڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو،ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ يوسف ڪنڀار چيو ته ميرپوربٺورو ۾ بدامني سبب چوريون ۽ ڦر جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن جنهن سبب روڊ رستا غير محفوظ بڻجي ويا آهن ۽ عوام رات جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي پيو آهي هن چيو ته ميرپوربٺورو جي مختلف علائقن مان روزاني موٽر سائيڪل چوري، سولر پليٽ جي چوري، مسجدن مان لائوڊ اسپيڪر چوري ۽ گهرن توڙي دڪانن مان سامان چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، پوليس انتظاميا چورن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هن چيو ته تازو ئي مقرر ٿيل ايس ايس پي سجاول کي اهڙيون شڪايتون ڏين باوجود ڪوبه ازالو ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب مجبور ٿي روڊن تي نڪري احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته ميرپوربٺورو مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چورين ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.