ميرپوربٺورو ( ن پ ا) ميرپور بٺورو ۾ اوطاق تي ستل ايس ٽي پي ڪارڪن ڪهاڙيون هڻي قتل، 2 جوابداران پاڻمرادو ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل خبر موجب ميرپور بٺورو ۾ جاتي چوڪ لڳ لوڻيا واٽر وٽ اوطاق تي ننڊ ستل ايس ٽي پي ڪارڪن حسين سنڌي کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پهچي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گولاڙچي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي موت جي تصديق ڪئي، جنهن بعد پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد قانوني گهرجون پوريون ڪري مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف قتل ۾ ملوث جوبدار غلام قادر ولد حسن رند ۽ علي حيدر ولد مھيار رند پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته رات دير سان مقتول جي پيءُ محمد حسن رند جي فرياد تي 3 جوابدارن غلام قادر ولد حسن، علي حيدر ولد ميھار ۽ ميرحسن رند تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ مقتول جي والد حسن رند جو چوڻ آھي اسان جي نوجوان جي قتل پٺيان سگھارا ھٿ ملوث آھن، اسان جي سرگرم سياسي ڪارڪن کي قتل ڪري اسان کي تمام وڏو نقصان پھچايو ويو آهي، هن چيو ته برادري جي ماڻهن سان ڪجهه وقت کان تڪرار پڻ ھلندڙ آهي، جنھن ۾مخالفن حسين سنڌي تي جھيڙي جو ڪيس داخل ھو، جنھن ۾ مقتول نوجوان ٽي مھينا بدين جيل ڪاٽي هن وقت ضمانت تي آزاد ٿي آيو ھو.