ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو شھر انتظاميا جي نااهلي سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، الله والا چوڪ تي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳل آهن، شھرين جنيد زئور، آزاد ٺاراڻي، سالڪ جئپال ۽ وقار عباس پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ هئڻ باوجود ٽائون انتظاميا صفائي وارو نظام بحال نه ڪرائي سگھي آهي، گندگي سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن، فوري طور نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي .