ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو جي مختلف اسڪولن تي ڇاپا، 6 کان وڌيڪ اسڪولن کي تالا لڳل، عملو غائب، خبر موجب ميرپورٻرڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن جي 6 کان وڌيڪ پرائمري اسڪولن تي جيڪب آباد جي اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري عبدالستار گولو ڇاپا هنيا، جتي بدالوھاب چنو پرائمري اسڪول، نثار احمد راجپوت پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پنھل خان جعفري، پرائمري اسڪول محمد صالح جعفري، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير جان جعفري، گورنمينٽ پرائمري اسڪول جاڳڻ چنو مان استادن سميت پورو عملو غير حاضر هو، جڏهن ته اسڪولن کي تالا لڳل هئا، عبدالستار گولو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته غير حاضر استادن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻارڙن جو مستقبل ڪنهن کي به تباهه ڪرڻ نه ڏنو ويندو.