ميرپورماٿيلو (شوبز نيوز) سنڌ جي نئين ٺهيل فنڪارن جي تنظيم ميلوحا آرٽ سرڪل ميرپور ماٿيلو کان پنهنجي تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد بيمار، پريشان حال ۽ گمنام آرٽسٽن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ آهي. ميرپور ماٿيلو ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب آڏو گهوٽڪي ضلعي جي مختلف شهرن مان آيل فنڪارن، اداڪارن، شاعرن ۽ اديبن جو گڏيل احتجاجي مظاهرو ٿيو، جتي سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کان پُرزور مطالبو ڪيو ويو ته سندن مظلوم، بيمار ۽ بي يار مددگار آرٽسٽن سان غير انساني ۽ لاپرواهي وارو رويو ختم ڪري سندن علاج، مالي سهائتا ۽ باعزت زندگي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ان موقعي تي ميلوحا آرٽ سرڪل جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فرزند ملڪ کجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيواسان جا آرٽسٽ جڏهن پنهنجي جائز حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ته کين خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ڪيترائي فنڪار بک، بيماري ۽ غربت جي ور چڙهيل آهن، پر انهن لاءِ نه ڪو ادارو آهي، نه ڪا واهر. ان جي ابتڙ، ڪجهه بااثر فنڪار رشوت، تعلقات ۽ سفارشن تي لکين روپيا ڪوڙن بلن جي نالي تي حاصل ڪن ٿا. اسان اهڙي بي انصافي ۽ امتيازي رويي کي هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين. جدوجهد ڊگهي هوندي، پر انشاءَالله فتح حق جي ٿيندي. احتجاج کان پوءِ ميلوحا آرٽ سرڪل طرفان ميرپور ماٿيلو ۽ گهوٽڪي ضلعن لاءِ نئين ضلعي اڳواڻن جي چونڊ به عمل ۾ آندي وئي، جيڪا تنظيم جي سرگرمين کي مقامي سطح تي وڌائڻ ڏانهن اهم قدم آهي. ميلوحا آرٽ سرڪل جي هيءَ تحريڪ سنڌ جي انڌاري ۾ رهندڙ فنڪارن لاءِ روشني جي اميد بڻجي رهي آهي، جتي آرٽ کي عزت، ۽ آرٽسٽ کي حق ڏيڻ لاءِ گڏيل آواز  بلند ٿيڻ لڳو آهي.