جروار (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ روزانو 4 کان 5 ڊينگي ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. صحت کاتو معاملي کان اڻڄاڻ بڻيل. جروار ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ تي موجود ٻارن جي مشھور ڊاڪٽر جئي ڪشن علائقي ۾ ڊينگي بخار جي ڪيسن ۾ اضافي تي ڳڻتي ظاھر ڪندي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي ڊينگي بخار جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر صحت کاتي معاملي کان اڻڄاڻ بڻيل آھي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس خانگي ڪلينڪ ۾ ئي روزانو بنياد تي 3 کان 4 ڪيس رپورٽ ٿي رھيا آھن، ڊينگي مرض ۾ تيزيءَ سان واڌ خطرناڪ آھي. ڊاڪٽر جئي ڪشن موجب صحت کاتي جي ڪوتاهي سبب وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ڊينگي بخار ۾ انساني جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون.