ميرپورماٿيلو(ن پ ا) ڊي اي او سيڪنڊري جي آفيس ۾ استاد ۽ ڪلارڪن ۾ جهيڙو، ڪلارڪن جو احتجاج، ڊي اي او سيڪنڊري جي آفيس ۾ هڪ پرائمري استاد مقصود احمد ڪلوڙ ۽ آفيس اسسٽنٽس غلام اڪبر لکڻ، حبيب الله کوسو ۽ ٻين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، اطلاعن موجب استاد امينمينٽ فارم جمع ڪرائڻ لاءِ آيو هو، پر سندس ڪاغذ مڪمل نه هئڻ ڪري ڪلارڪن فارم جمع نه ڪرڻ جو چيو، جنهن تي استاد مقصود ڪلوڙ مبينا طور مڇرجي پيو ۽ پاڻ کي خفيه ايجنسيءَ جو اهلڪار ظاهر ڪندي آفيس عملدارن سان هٿين پئجي ويو، جهيڙي کان پوءِ آفيس اسسٽنٽ غلام اڪبر لکڻ، حبيب الله کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪلارڪن ڊي اي او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري استاد خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، هنن الزام لڳايو ته استاد نه فقط بدتميزي ڪئي پر کين ڌڪا ڏنا ۽ چماٽون هنيو.