ميرپورماٿيلو (ن پ ا) پي ايس 19 تي 25 ڄڻن جا فارم منظور 2 جا رد ڪيا ويا، اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي طرفان آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري خلاف آمريڪي شھريت ھئڻ تي داخل اعتراض آر او طرفان رد ڪندي فارم منظور ڪيو، باري پتافي، ھالار پتافي، نور محمد لنڊ، بابر لنڊ جا فارم منظور ڪيا، جڏهن ته ڄام فتاح سميجو، عبدالحق عرف ميان مجن، رحيم بخش ڪورائي، ميان رفيق جو نامزدگي فارم پڻ درست قرار ڏنو ويو، هوڏانهن اين اي 198 گھوٽڪي ون تي 11 ڄڻن جا فارم درست قرار ڏنا ويا ۽ 4 ڄڻن جا رد ڪيا ويا، جن جا رد ڪيا ويا انهن ۾ صغير لنڊ، سالار لنڊ، غفار پتافي ۽ ستار احمد شامل آهن، اين اي 199 گھوٽڪي ٽو تي علي گوھر مھر، ڄام سيف ڌاريجو، مولانا ناصر محمود، باري پتافي سميت 12 اميدوارن جا فارم منظور ڪيا ويا، هڪ ڄڻي پرويز بوزدار جو فارم رد ڪيو ويو.