شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پوليس پهرين ڏينهن کان جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، ايف آءِ آر به وارثن جي مرضي موجب داخل نه ڪئي وئي: فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين پنهور جون ميرپورماٿيلو ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته جاچ آفيسر طرفان چالان جمع ڪرائڻ واري ڏينهن مان عدالت ۾ موجود نه هيس، اسان کي ٻڌڻ بنا جلدي ۾ چالان منظور ڪيو ويو، جاچ آفيسر طرفان ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا خارج ڪرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري رهيا آهيون، ميرپورماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موڪل تي هئڻ سبب نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، گرفتار جوابدار اصغر لند کي عدالت آندو ويو، جوابدار عبدالله لنڊ به پيش ٿيو.