ميرپورماٿيلو جهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن

0
86
ٻوڙي-سياست-گونگا-ماڻهو

اسان ۽ توهان ڪراچي ويندي يا اتان موٽندي اڪثر انهن ڪامورن، سياستدانن، پگهاردار وڏيرن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن، نام نهاد ڪامريڊن ۽ وزيرن جي سرڪاري يا خانگي قافلن کي سنڌ جي تباهه حال رستن تان عام جام گذرندي پيا ڏسندا رهندا آهيون. پر جيئن ته هنن وٽ گاڏيون ئي ڪجهه اهڙيون هونديون آهن جن کي نه ڪي لهر نه ڪي لوڏو ايندو آهي سو قافلا جيڪي پوري طرح سان “پروٽوڪول جي نشي” ۾ ڌت هوندا آهن، نه صرف آرام سان، پر تيز رفتاري سان جهاز بڻجي گذري ويندا آهن. انهيءَ نشيدار پروٽوڪول جي حوالي سان هفتو کن اڳ ٿيندڙ ميرپور ماٿيلو جهڙي واقعي سان ملندڙ جلندڙ واقعو ڪجهه سال اڳ مونسان به پيش آيو هو جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسين في الحال هلئون ٿا ميرپورماٿليو جتي ، هڪ ياتري ڪٽنب سان جنهن قسم جي بداخلاقي ۽ بدڪلامي ڪئي وئي ان اسان سنڌين جي بدتميز ورتائن کي حسبِ حال وائکو ڪري ان سرڪاري سرٽيفيڪيٽ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جيڪو اسان کي 1947ع بعد وڏي ڌام ڌوم سان ڏنو ويو هو. اڄ ان سرٽيفيڪٽ جي بدولت ئي اسان کي ڌاري ۽ ٻاهرين آبادي به اکيون ڏيکاري رهي آهي. سرٽيفيڪيٽ ۾ لکيل آهي ته“اسين سنڌي ڪيترا جاهل، بددماغ، بدتهذيب ۽ جهنگلي آهيون. اسين وطن دشمن، غدار ۽ ڪافر آهيون. اسان جي ٻولي گڏهن جي ٻولي آهي

تاريخ 7 آگسٽ، 2022ع تي زيارت واسطي، رهڙڪي آيل، سانگهڙ واسي هڪ ڪٽنب لاءِ، ميرپورماٿيلو جي ڌرتي کي هڪ اوباش وڏيري پاران جهڙي طرح سان تپايو ويو ۽ جيڪا ويڌن ڪئي وئي ان واقعي جي درد جي هڪ معصوم جهلڪ هڪ وڊيو ۾، هڪ مظلوم عورت پاران حملي آورن کي ٻانهون ٻڌڻ ۽ منٿون ڪرڻ مان صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي آهي. ڪيئن هڪ مظلوم عورت پنهنجين آلين اکين سان انهن اوباش وڏيرن کي ايلاز ڪري رهي آهي جيڪي هڪ ڪوري ڪار ۾ سوار هئا. تفصيل موجب ڪوري جي پويان اها سوزوڪي الٽو هئي جنهن ۾ اهو متاثر خاندان سوار هو. الٽو وارو ڪٽنب سانگهڙ کان رهڙڪي وڃي رهيو هو جيڪو جڏهن پنو عاقل کان پئي گذريو ته هنن ڪوري گاڏي واري کي لائيٽ ڏني ته جيئن اها پاسي تي ٿئي ته الٽو اڳتي نڪري وڃي. بار بار ڪوشش ڪرڻ، لائيٽ ڏيڻ يا هارن ڏيڻ سبب جڏهن ڪوري پاسي تي ٿي وئي ته الٽو اڳيان نڪري آئي. بعد ۾ ڪوري وارا تيز رفتاري سان هنن جي پويان آيا. جڏهن الٽو واري ميرپورماٿيلو ۾ پيٽرول پمپ تان پيٽرول ڀرايو ته اتي ڪوري به اچي بيٺي ۽ لهڻ شرط الٽو واري کي ٿڦڙون وهائي ڪڍيون. انهيءَ دوران هڪ ويگو گاڏي مان هٿيار بند سوار به آيا جن الٽو جا شيشا ٽوڙيا ۽ ڌمڪي ڏني ته ديوان تون هتان نڪري ڏيکار ته توکي مڃئون. باقي ريپر اڇلڻ واري ڪهاڻي جيڪا سوشل ميڊيا تي هوا ٿي هئي ان ۾ ڪابه صداقت ڪانهي. هي آهي اسان جي سوچ ته هڪ الٽو وارو ڪوري کان اڳيان ڇو نڪتو! هن خبط ان مظلوم ڪٽنب جو پيرو کڻايو، ان کي رستي دوران تنگ ڪرايو ۽ پيٽرول پمپ تي يرغمال بڻايو، تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو. جڏهن ته متاثر عورت چئي رهي هئي ته ادا ايئن نه ڪيو، اسان کي معاف ڪيو. اسان جي ٻارن ۽ گاڏي کي نقصان نه پهچايو. پر اوباش وڏيرن کي سڪون ئي تڏهن آيو جڏهن هنن پنهنجي ڪارروائي پوري ڪئي. عورت پاران اچاريل لفظ “ادا” ۾ جيڪا ادا، ميٺاس، پنهنجائپ، ڏاهپ، رمز ، رسم، عزت، احترام، نوڙت، درگذري ۽ شفقت سمايل آهي اسان جي اڄڪلهه جي نئين ٽهي ان کان، محسوس ٿئي ٿو ته بلڪل لاعلم بڻجي وئي آهي يا اسان جي زندگي گهڻي تن آسان (ڊيمانڊنگ) ٿي وئي آهي يعني ماضي جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ هاڻي زندگي جي هر سهولت موجود آهي. جڏهن هڪ انسان جا سماجي ۽ ذهني تسڪين وارا مطالبا پورا ٿي وڃن ٿا يا ڪيا وڃن ته ان مان، شيون هجن يا انسان يا جانور، انهن لاءِ “احساس نالي شيءَ” جو ڪو وجود ئي ڪونه ٿو رهي. بعد ۾ اهو اوباشي تي لهي اچي ٿو ۽ ٻين کي تڪليف پهچائڻ ۾ ئي هن کي سڪون ملي ٿو جيڪو هن واقعي مان به نظر اچي ٿو. يعني انسان هڪ نفسياتي مريض بڻجي وڃي ٿو. ڏٺو ۽ غور ڪيو وڃي ته اسان جي سنڌ اڄڪلهه اهڙن نفسياتي مريضن سان ٽٻجي چڪي آهي ۽ (افسوس) جن جي پٺڀرائي ۽ پرگهور سنڌ جي هڪ وڏي پارٽي ڪري رهي آهي جنهن جي سنڌ ۾ حڪومت آهي، وفاق ۾ شريڪِ حڪومت آهي. جيڪا پاڻ کي جمهوريت جو شهسوار ۽ عوام جي هڏڏوکي سمجهي ٿي

واقعي بعد معمول وانگي سوشل ميڊيا تي جيڪو طوفان متو ۽ وفاقي حڪومت خاص طور تي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث وڏيري ۽ ان جي ساٿارين کي گرفتار ڪري ياتري ڪٽنب سان انصاف ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ خبرون هي به آيون آهن ته صوبائي وزير عبدالباري پتافي واقعي جو نوٽيس ته نه ورتو پر معافي ضرور وٺي ڇڏي آهي. معافي اصل ۾ نقصان جي تلافي ناهي هوندي. متاثر ڪٽنب سان سرِ راهه بدتميزي جو سرڪاري سطح تي ڪو نوٽيس ڪونه ورتو ويو، ڪا گرفتاري عمل ۾ ڪونه آئي ۽ متاثر ڪٽنب جي گاڏي جو جيڪو نقصان ٿيو اهو ڪنهن جي کاتي ۾ ويو. ان ڏينهن هڪ پاسي سنڌي عوام جو ڪروڌ هو ته ٻئي پاسي وڏيري جا چاهيندڙ ٽوئيٽس ڪري چئي رهيا هئا ته، “اسان فلاڻا آهيون. بدمعاشي ڪرڻ اسان کي ٺهي ٿي! سرڪار اسان جي آهي” هن قسم جي سوچ جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. پر هن قسم جي تربيت مان هڪ ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته، هن قسم جي سوچ واري نسل جي تربيت ۾ ڪو خانداني وقار نه پر معاشري ۾ پر ڦهلائيندر انهن نفسياتي مريضن پاران ٿيندڙ هر انهن ڪڌن عملن جي سوچ شامل آهي جيڪا هاڻي ڪنهن جي وس ۾ نٿي اچي. هي اهائي ضابطي ۾ نه ايندڙ سوچ آهي جنهن مڪاني چونڊن دوران عمر ڪوٽ ۾ هڪ ڊاڪٽر سان جيڪا جهٽ ڪئي ان جي سڄي سنڌ شاهد آهي. هن ئي سوچ چانڊڪا ۾ پڙهندڙ هڪ معصوم ڊاڪٽرياڻي نمرتا ڪماري، ڊاڪٽر نوشين جو خون ڪيو. ۽ انهيءَ ساڳي سوچ پنهنجي انهيءَ ڪڌي ۽ گندي روايت کي برقرار رکندي ميرپورماٿيلو ۾ به اهوئي ڪجهه ڪري ڏيکاريو جنهن جي هن مان توقع هئي. وري هي ته هن واقعي جو ڪيس به انهيءَ ڪري داخل ناهي ٿي سگهيو ڇوته بقول مقامي پوليس جي بيان جي ته متاثر ڌر ڪنهن به ڪارروائي کان انڪار ڪندي رهڙڪي رواني ٿي وئي هئي. متاثر ڌر چاهي مان هجان  ها يا ڪو ٻيو، هن ملڪ جي استحصالي نظام ۾ ته ايئن ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ جو جيڪا رياست پنهنجي عوام جي جان و مال جي حفاظت نه ڪري سگهي ته متاثر ڌر ته هڪ پتڪڙو جزو آهي رياست جو، اهو ڇاٿو ڪري سگهي. پر رياستي آئين جيڪو پنهنجي عوام جي جان و مال جي تحفظ جي ڳالهه ڪري ٿو ان کي ته پٺتي نه هٽڻ گهرجي

هي قصو آهي 2017ع جو، مان پنهنجي ڪٽنب کي عيد بعد ڪراچي واپس وٺيو پئي ويس. اسان جڏهن نوري آباد واري علائقي کي پار ڪري لاهندي تان هيٺ پئي لٿاسين ته منهنجي سامهون ڪافي ٻيون گاڏيون به پنهنجي پنهنجي منزل طرف روان دوان هيون. ڪهڙي خبر ته پويان هڪ وزير صاحب پنهنجي قافلي سان به اچي پيو ۽ قافلو عين اسان واري گاڏي جي پويان اچي پهتو هو. منهنجو ڌيان اڳين گاڏين ڏانهن ته من ڪٿي ڪا وٿي ملي پئي ته مان اڳتي نڪري وڃان پر عيد بعد واپسي جي ڪري رستي تي ٽريفڪ ڪجهه سرس هئي. جيئن ته منهنجو ڌيان ئي آڏو وارين گاڏين ڏانهن هو سو پويان ايندڙ قافلي جي مونکي سڻس ئي نه هئي. آخرڪار هڪ هنڌ تي مونکي وارو ملي ويو ۽ مان جيئن ئي پاسي تي ٿي اڳتي وڌڻ لڳس ته پويان ايندڙ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ ويگو گاڏي جنهن ۾ وزير صاحب جا ڪجهه بندوق بردار محافظ ويٺل هئا، منهنجي ساڄي پاسي کان اڳتي وڌندي منهنجي گاڏي جي بانيٽ تي لٺين جا وسڪارا ڪندي تيز رفتاريءَ سان ڀر مان گذري ويا. مان حيران پريشان! ڇاڪاڻ جو مان لٺين جي آواز تي ششدر ٿي ويو هئس بس ايترو سو ضرور ڏٺو ته ان قافلي جي وچ ۾ هڪ اڇي رنگ جي لينڊ ڪروزر گاڏي تي حڪومتي پارٽي ۽ پاڪستان جو جهنڊو به ساڳئي جذبي سان ڦڙڪي رهيو هو جهڙي جذبي سان محافظن بانيٽ تي لٺيون وسايون هيون: هن قسم جا اٿئه اسان جا عوامي نمائندا ۽ جن جي لاءِ اسان هنبوڇيون هڻون ٿا. خدا ته ڪري خير، لٺين جي وسڪاري سبب ششدر ٿيندڙ ڊرائيور کان گاڏي جيڪڏهن ضابطي مان نڪري وڃي ها ته گاڏي ۾ سوار مسافرن جو ڪهڙو حال ٿئي ها! سڄي سنڌ ۾ روزانو اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا پر نوٽيس صرف انهن جو ورتو وڃي ٿو جيڪي ڪراچي ۾ ٿين ٿا ڇاڪاڻ جو نالي ماتر قومي ميڊيا انهن کي ئي اشو بڻائي ٿي جڏهن ته پاڻ سان ٿيندڙ ويڌنن جو نوٽيس ان ذڪر هيٺ سرٽيفڪيٽ ۽ معافين جي نظر ٿي وڃي ٿو جن جي باري ۾ مٿي بيان ڪري آيو آهيان. آخر ۾ هڪ نماڻي صلاح ۽ گذارش ته جڏهن به ڊرائيو ڪيو ته ان 80 سال جي آمريڪي ڊرائيور کي ضرور ياد ڪيو جنهن کان هڪ انٽريو ۾ هي سوال ڪيو ويو هو ته توهان سڄي عمر ڊرائيونگ ڪئي آهي پر توهان ڪنهن به حادثي جو شڪار ناهيو ٿيا ته هن جواب ۾ فقط ايترو چيو هو ته، “مان هي سمجهندو آهيان ته منهنجي سامهون (يا پويان) ايندڙ گاڏي وارو ڊرائيور انڌو آهي.”