ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي پراڻي مارڪيٽ ۾ مولوي پاران نينگر سان بدفعلي ۽ وڊيو رڪارڊ ڪرڻ وارو معاملو،  پوليس گرفتار جوابدار عظيم سومرو کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينھن جو جسماني ريمارنڊ ورتو، ھوڏانھن ڊي آءِ جي سکر واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو کي معطل ڪري ڇڏيو، معطلي ۽  ڊي آءِ  جي حڪم باوجود ايس ايچ او قابل ڀيو ٿاڻي جي چارج نه ڇڏي، ياد رھي ته جوابدار عظيم چاچڙ نينگر طارف دايو سان بدفعلي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي، ايس ايچ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو پھرين جوابدار کي گرفتار ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ھو، سوشل ميڊيا تي تنقيد بعد پوليس مولوي کي ٻيھر گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ھو، ھوڏانھن بدفعلي جو شڪار نينگر طارق دايو جي والد عبدالله دايو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندس پٽ واقعي واري ڏينھن کان گم آھي، مولوي عظيم،  اياز چاچڙ پٽ کي اغوا ڪرڻ بعد بدفعلي ڪئي ۽ گم ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته پوليس ڪيس ۾ نامزد اياز چاچڙ کي گرفتار ناهي ڪيو.