بدين/ميرپور ساڪرو (رپورٽر+ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڪڪڙانڊ واسين ليٽ اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي ميرپور ساڪرو- ڪيٽي بندر روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب سوين گاڏيون بيھي ويون، ڪڪڙاندو واسين ھوت خان رند ۽ الھڏنو رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان روزاني رات ڦرجي رهيا آهيون پر پوليس جي ڪن تي جون به نه ٿي چري، هنن چيو ته روزاني ڦرن سبب گهرن کان نڪري نه ٿا سگهون، پوليس ننڊ ستل آهي.