ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪرو ۾ مبينا طور باهه ڏئي ساڙيل نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويو، پوليس واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن پاران واقعو قتل قرار، انصاف جو مطالبو خبر موجب ميرپور ساڪري ۾ گذريل ڏينهن اڻڄاتل جوابدارن پاران پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي سخت زخمي ڪيل 28 ورھين جو شمن سيرو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو نوجوان جو لاش ميرپور ساڪرو جي گلشن ملت ڪالوني ۾ گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگھيو، ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته واقعو اتفاقي آهي، نوجوان موٽرسائيڪلن جو مستري هو ڪپڙن کي هر وقت پيٽرول لڳل هوندو هئس، ڪچري هي ڍير تي پيشاب ڪرڻ بعد ڪچري کي ڏنل باهه مان هن کي اتفاقي باهه لڳي آهي، جڏهن ته فوتي نوجوان شمن سيرو جي سئوٽ ڌڻي بخش سيرو جو چوڻ آهي ته اسان جي سئوٽ کي نامعلوم ماڻهن پيٽرول ھاري باھه ڏئي قتل ڪيو آهي، واقعي جي جاچ ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڪيس به داخل ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو حق رکون ٿا