ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن پاران ھڪ ڪلاڪ جي ٽوڪن هڙتال ڪري بارآفيس اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري نعريبازي ڪئي، احتجاجي ڪئمپ ۾ ھاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ھاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري غفار ناريجو، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر افضل ڪريم ورڪ، سينيئر وڪيل علي حسن چانڊيو، وڪيل شوڪت راھمون، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر شير محمد وساڻ، عزيز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ خلاف ھڪ سازش آھي، جڏهن ته پھرين ارسا قانون تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، مٿان وري نوان ڪئنال ڪڍڻ سان لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ شھري علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملي سگھندو، درياءَ اسان جي جياپي جو ذريعو آھي، جنھن تي  ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول نه آھن، ھنن چيو سنڌ ۾ نوان   ڪئنال ڪڍڻ جي اعلان سبب سڄي سنڌ واسين ۾ ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آھي، ھنن  وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي سنڌ واسين ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.