ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) آبپاشي کاتي پاران گذريل ٻن مهينن کان جمڙائو ۽ مٺڙائو ڪئنال جي پوڇڙي ۾ هٿرادو کوٽ خلاف ٽيل آبادگار اسيوسيئشن جي پاران ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو, ان موقعي تي آبادگارن جي اڳواڻن ارباب، انور علي خان، محمد يوسف راجپوت، اوصاف شاهه، محمد موسي احمداڻي، عبدالهادي، وحيد لاشاري ۽ ٻين چيو ته نارا ڪئنال ۾ 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي هجڻ باوجود ڊائريڪٽر نارا ڪئنال هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هميشه پوڇڙي جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي رشوت عيوض وڪرو ڪري رهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت به مٺڙائو ڪئنال ۾ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي ساڳئي طرح جمڙائو ڪئنال ۾ 9 هزار ڪيوسڪ پاڻي هجڻ سميت مختلف ڪئنال ۾ پاڻي وڌيڪ آهي پر اسان کي پاڻي جي کوٽ جواز ڄاڻائي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته آبپاشي کاتي جي سب ڊويزن ڊگهڙي، نئون ڪوٽ، ڪوٽ غلام محمد سميت ٻين سب ڊويزنن جي شاخن شاخ جي آبادگارن کي گذريل 2 مهينن کان پاڻي جي فراهمي نه ٿي رهي آهي، آبپاشي کاتي جي عملدارن جي نا اهلي سبب اسان جا پوکيل فصل سڪي تباه ۽ برباد ٿيڻ سبب  ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي,هنن چيو ته ڳوٺن ۾ انسانن توڙي جانورن لاء پيئڻ جو پاڻي به نه آهي جيسيتائين پاڻي جي فراهمي جاري نه ڪئي ويندي تيسيتائين احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو، هنن چتاءَ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي فراهمي جاري نه ڪئي وئي ته وڌيڪ 2 ڏينهن کان پوءِ لڳندڙ انبن جي نمائش ۾ سوين آبادگارن سان گڏجي تاريخي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جي ذميواري آبپاشي کاتي جي عملدارن تي هوندي.