ميرپورخاص(بيورورپورٽ) تعلقي سنڌڙي جي دلبر مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير نذير احمد ٽالپر واسي جو نوجوان پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو،ان موقعي تي هن چيو ته گذريل 05 ڏينهن کان نوجوان پٽ پر اسرار نموني گم ٿي ويو آھي حد جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پٽ جو ڪو ڏس پتو نه پيو آھي،هن چيو ته نوجوان پٽ منور ميگھواڙ معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي گھران نڪتو پر اڃا تائين واپس ن موٽيو آھي، جڏهن ته پٽ جي دوستن مٽن مائٽن کان پڇا ڪرڻ باوجود پٽ جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آھي اھڙي اطلاع حد جي پوليس کي پڻ ڏني آھي جڏهن ته پٽ جي گم ٿيڻ سبب سندس امڙ بي حال بڻيل آھي اسان جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي پورھيت وسوارن اختيارين کان پرزور اپيل ڪندي چيو ته پٽ جي ڳولا م مدد ڪئي وڃي