ميرپورخاص(بيورو  رپورٽ) ميرپورخاص لڳ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل خبر موجب اوڀر جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ ٻريجي شاخ ۽ سنھڙو شاخ جي آبادگارن پاڻيءَ جي کوٽ خلاف حاجي حسين مھر، رسول بخش دل، محمد مڱريو، حميد بلوچ ۽ غلام قادر چانڊئي جي اڳواڻي ۾78 موري ويجھو عمرڪوٽ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون، ان موقعي تي ڳالھائيندي ھنن چيو ته وارا بندي بعد ڏيڍ مھيني کانپوءِ سکر بئراج مان پاڻي کوليو ويو، پر جمڙائو ڪئنال جي ٻريجي شاخ کي رڳو 2 ڏينھن کولي رڳو پيئڻ جو پاڻي ڏئي بعد ۾ بند ڪيو ويو آھي ۽ ساڳي حالت سنھڙو شاخ جي آھي، جنھن کي پڻ گھربل پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، ھنن چيو ته زرعي فصلن لاءِ پاڻي نه ملڻ سبب ڪمند جي تازي پوکيل فصل کي سخت نقصان پھچي رھيو آھي.