ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائي،بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سميت بدامني ۽ آئين جي پاسداري نه ٿيڻ خلاف پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو،ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سڪندر ڪولاچي،جنرل سيڪريٽري غفار ناريجو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ آئين جي پاسداري نه ٿي رهي آهي،جڏهن ته مهانگائي چوٽ چڙهي چڪي آهي جنهن سبب غريب شديد پريشان آهي،هنن چيو ته سنڌ ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي ڪچي جي علائقن ۾ ڪو به ماڻهون ڌاڙيلن کان محفوظ ناهي رهيو،هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي کي ختم ڪري آئين جي پاسداري ڪئي وئي ٻيصورت ۾ سڄي ملڪ جا وڪيل روڊن تي هوندا.