ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ جي سڏ تي حقوق ھاري مارچ جي نالي سان پوسٽ آفيس چوڪ کان اسٽيشن چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ اڳواڻن شعيب سنڌي، عبدالله مري، فرحان بابر، بشير احمد ۽ ٻين خطاب ڪندَي چيو ته ھٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي نقصان پھچايو پيو وڃي، جڏهن ته زرعي جنسن ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻين فصلن جا مناسب اگھه نه ملڻ سبب ھاري طبقو معاشي بحران جي ور چڙھي ويو آهي، جڏهن ته زرعي ڀاڻ جا اگھه وڌيڪ ھجڻ سبب ھارين پاران زمين تي ڪيل خرچ نٿو نڪري، ٻن مھينن کان پاڻي نه پھچڻ سبب ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي، ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب ماڻھو توڙي جانور ۽ پکي پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رھيا آھن، اسان ھارين سان گڏ آھيون، ھنن پر زور مطالبو ڪندي چيو ته ھارين کي حق ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وسيع ڪيو ويندو.