ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص ۾ نابين ناري سان جنسي ڏاڍائي، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف خبر موجب ميرپورخاص جي علائقي سيال ڪالوني ۾17 ورھين جي نابين ناري سگن ڪولھڻ سان جنسي زيادتي ٿيڻ جي تصديق بعد سندس ماءُ مريم ڪولهڻ جي فرياد تي غريب آباد جي وومين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار غلام نبي لانگھاڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ٿاڻي تي ڏوهه جو اعتراف ڪندي شرمندگي جو اظهار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ايس ايچ او مومل لغاري ٻڌايو ته متاثر نينگري جو ميڊيڪل ڪرايو آهي، هن چيو ته گرفتار جوابدار غلام نبي لانگھاڻي به پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، ان باوجود اسان انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ معامري جي هر رخ کان جانچ ڪري رهيا آهيون، اڄ جوابدار کي عدالت پيش ڪري رمانڊ حاصل ڪيو ويندو، جيئن وڌيڪ حقيقتون سامهون اچي سگهن.