ميرپورخاص: اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر ظفر ڪمالي ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ظفر ڪمالي ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص شهر ۾ شاگردن کي ڏکيائون آهن، جنهن لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ميرپورخاص ۾ سرڪاري سطح تي ڪا به ميڊيڪل يونيورسٽي ناهي، جيڪا فوري طور تي ميرپورخاص کي ڏني وڃي، هن چيو ته شاگرد ڊپلوما ڪورس ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃن ٿا، بهتر آهي ته هتان جي پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج کي اپ گريڊ ڪيو وڃي، هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتال منظور ٿيل آهي، جنهن ۾ بهتر سهولتون ڏنيون وڃن.