ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) 2021ع دوران ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون ڏيارڻ بھاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين کان ھڪ ڪروڙ 36 لک رپين جو مبينا فراڊ ڪرڻ جي الزام ھيٺ ميرپورخاص جي اينٽي ڪرپشن ٿاڻي تي انسپيڪٽر سيد فھد بخاري جي مدعيت ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ جي 18 گريڊ جي آفيسر ڊاڪٽر محمد جھانگير ۽ سندس ايجنٽ علي رضا رند مٿان ڪيس داخل ڪري علي رضا رند کي گرفتار ڪيو ويو آھي.متاثر ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٻن والدين ڪاشف مشتاق ۽ علي خان پاران ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي ڏنل جاچ بابت درخواست کان پوءِ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ مٿي ڄاڻايل درخواستگذارن شڪايت ڪئي ھئي ته  لائيو اسٽاڪ کاتي جي 18 گريڊ جي وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر محمد جھانگير ۽ سندس ايجنٽ علي رضا رند پنھنجي ھڪ فرم جو اشتھار ڏنو، جنھن ۾ ھنن ڄاڻايو ويو ھو تھ ھو ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون ڏيارڻ لاءِ رھنمائي سان گڏوگڏ مدد پڻ ڪندا، جنھن بعد ھنن ڄاڻايل فرم سان رابطو ڪيو تھ کين چيو ويو تھ ھو سندن ايجنٽ علي رضا رند سان ميرپورخاص ۾ رابطو ڪن. ان بعد ھنن داخلائون ڏيارڻ لاءِ علي رضا رند کانئن شروعاتي طور 30 لک 60 ھزار رپيا ورتا، جنھن مان علي رضا رند صرف 14 لک رپيا ڊاڪٽر جھانگير جي ھڪ بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا. درخواستگذارن اھو پڻ موقف اختيار ڪيو تھ اھڙيءَ ريت جوابدارن کانئن لاڳيتو ھڪ ڪروڙ 36 لک رپين جي لڳ ڀڳ پئسا ورتا ۽ بعد ۾ کين داخلائن بابت پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جا ڊاڪيومينٽ ڏنا، جيڪي جعلي ھئا. شڪايت ڪندڙن جو اھو پڻ چوڻ ھو تھ جڏھن سڀ ڪاغذ کين جعلي مليا تھ ھنن پئسا واپس ڪرڻ لاءِ جوابدارن کي چيو پر ھنن پئسا واپس ڪرڻ بدران اُبتو کين موت مار ڌمڪيون ڏنيون. اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ مٿين انڪوائري بعد ڊائريڪٽر اينٽي اسٽبلشمينٽ سنڌ جي حڪم تي اھڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ جي ٽيم ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار علي رضا رند کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن بابت ٻڌايو پيو وڃي تھ کيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويو آھي.