ميرپورخاص(رپورٽ فهد سلطان چانڊيو ) ميرپورخاص ۾ ٽن ڏينھن وارو مينگو فيسٽيول پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو، جڏھن ته ثقافت کاتي پاران محفل  موسيقي پڻ رٿي وئي، مينگو فيسٽيول جي اختتامي تقريب ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مير انور ٽالپر، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي، ڊي جي ھارٽيڪلچر ريسرچ نور محمد بلوچ، ھاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص جي علي حسن چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فيسٽيول ۾ انبن جون ڀليون جنسون رکڻ ۽ سٺو اسٽال لڳائڻ تي پھرين ڪيٽيگري ۾ پھريون انعام ٽنڊوالھيار جي  نواز آباد فارم کي ڏنو ويو، ساڳي ڪيٽيگري ۾ ٻيو انعام مير منصور ٽالپر فارم، ٽيون انعام حاجي محمد علي درس فارم کي ڏنو ويو. بي ڪيٽيگري ۾ پھريون انعام ارشاد احمد ڀرڳڙي فارم، ٻيو انعام اللھ بچايو راڄڙ فارم ۽ ٽيون انعام محمد طاحا فارم کي ڏنو ويو. ساڳيءَ ريت سي ڪيٽيگري ۾ پھريون انعام قربان علي لاشاري فارم حاصل ڪيو، ٻيو انعام الاھي بخش فارم ۽ ٽيون انعام عرفان ڀرڳڙي فارم حاصل ڪيو. سمورن آبادگارن کي شيلڊون ۽ روڪ رقم انعام طور ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سياحت ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته سنڌ جي آبادگارن جي نئين نسل کي جديد زراعت طرف اچڻ گھرجي ۽ ان ڏس ۾ ڪيترائي موقعا موجود آھن، آبادگار خود ايڪسپورٽ طرف ڌيان ڏين. ھن چيو تھ ميرپورخاص ۾ انبن کي سم ۽ ڪلر توڙي زرعي پاڻيءَ جي کوٽ سبب نقصان پھتو آھي، ان ڏس ۾ ھتان جا آبادگارن وفد جي صورت ۾ ڪراچي اچن ته جيئن آبپاشي وزير سان گڏجاڻي ڪري مسئلن کي حل ڪرائي سگھجي. ھن چيو ته سنڌ ۾ سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن، جلد ئي ميرپورخاص جي تاريخي آثار ڪاھو جو دڙو جي رھيل پاسن جي کوٽائي ڪري ان کي نروار ڪيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر چيو تھ نارا ڪئنال تي فال اسٽرڪچر جوڙي پاڻ کي روڪڻ وارو معاملو ڇرڪائيندڙ آھي، ان جي جاچ ٿيڻ گھرجي. ھن چيو ته ميرپورخاص  ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آھي، ان ڏس ۾ اپاءَ ورتا وڃن. ھن چيو ته زراعت کاتي کي وڌيڪ اپت ڏيندڙ ٻجن جون جنسون ٺاھڻ گھرجن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ان قسم جو ڪم ته ھئڻ برابر آھي. ھن چيو ته ميرپورخاص ۾ مينگو فيسٽيول دوران ميوزيڪل پروگرام سان شھرين کي تفريح ملي ٿي، باقي ميرپورخاص ۾ اسان واري چٽوڙي قبرستان ۽ ڪاھو جي دڙي کان علاوھ ٻي ڪا اھڙي جاءِ ناھي، جتي ماڻھو وڃي تفريح ڪري سگھن. ڪمشنر ميرپورخاص چيو ته ھن دفعي فيسٽيول ۾ اڳتي لاءِ تمام اھم رٿابنديون ڪيون ويون آھن ۽ اميد ته  ميرپورخاص سنڌ جو انب دنيا ۾ پنھنجو نالو ڪمائيندو. مينگو فيسٽيول ڪميٽيءَ جي چيئرمين عارف ڀرڳڙي ۽ آبادگار عمر ٻگھيو چيو تج سم ۽ ڪلر توڙي پاڻيءَ جي کوٽ سبب انبن جي باغن کي ميرپورخاص ۾ ڌڪ لڳو آھي، ان ڏس ۾ ترت اپاءَ ورتا وڃن. ھارٽيڪلچر ريسرچ جي ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ چيو ته سنڌ جون 5 انبن جون ورائٽيون سرڪاري سطح تي رجسٽرڊ ڪيون ويون آھن ۽ سنڌڙي انبن کي دنيا ۾ جاگرافيائي لحاظ کان ميرپورخاص جي ملڪيت قرار ڏياريو ويو آھي. تقريب کي  ميئر عبدالرئوف غوري ۽  ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري پڻ خطاب ڪيو.

مينگو فيسٽيول  ۾ بدنظمي ، شهري انب کڻي ڀڄي ويا

ميپورخاص: ميرپورخاص 56هين مينگو فيسٽيول جو اختتام هڪ ڀيرو ٻيهر بدنظمي جو شڪار ٿي ويو، فيسٽيول جو اختتام ٿيندي ئي انبن جي اسٽالن تي شهرين ڦرلٽ شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي هٿ جيترا انب لڳا کڻي اتان فرار ٿيو،جڏهن ته خوبصورتي لاءِ لڳل ڦوڪڻا به عوام نه ڇڏيا عوام پاران انبن سان گڏ ڪيلا پڻ کنيا ويا، جڏهن ته آبادگار پنهجا انب بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا جنهن سبب شهرين ۽ اسٽال لڳائيندڙ ۾ جهيڙو پڻ ٿيو ان موقعي تي ڪنهن انب جي پوري پيٽي کنئي ته ڪنهن وري پنهنجي ڪپڙن جي کيسن ۾ انبن کي کنيو.

 

انبن جي نمائش ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي سائيڪل ريس جا مقابلا ڪرايا ويا

ميرپورخاص: ميرپورخاص 56هين انبن جي نمائش ۾ آل نڌ پهريون ڪمشنر ٻائي سائيڪلنگ  ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا الڳ الڳ مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ خاص مهمان ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد  مسعود خان هئا. تقريب ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي مس ارم پڻ شرڪت ڪئي، ڇوڪرن جي وچ ۾ 25 ڪلو ميٽر سائيڪلنگ ريس جو مقابلو ٽنڊوالهيار بائي پاس روڊ کان جمڙائو تائين ٿيو جنهن ۾ 25 سائيڪلسٽ حصو ورتو جنهن ۾ ڪراچي جي عرفان 36 منٽن ۾ فاصلو پورو ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، اهڙي طرح ڪراچي جي محمد حفيظ 37 منٽن ۾ فاصلو پورو ڪري ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ڪراچي جي ئي غلام مصطفيٰ 37.01 منٽن تي فاصلو پورو ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. اهڙي طرح ڇوڪرين جو 6 ڪلوميٽر سائيڪلنگ جو مقابلو جمڙائو کان ٿرپارڪر شوروم تائين ٿيو ، جنهن ۾ ڪراچي جي رمشا 13 منٽن ۾ فاصلو طئي ڪري  پهرين، ڪراچي جي گل نور 14 منٽن ۾  طئي ڪري ٻي ۽ ڪراچي جي شمس النساء 14.30 منٽن ۾ فاصلو پورو ڪري  ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.سائيڪلنگ ريس ۾ ڪراچي جا سائيڪلسٽ سموريون پوزيشنون ٻهاري ويا آهن,ڪمشنر پاران سمورن پوزيشن ماڻيندڙن کي ڪيش انعام ۽ شيلڊون پيش ڪيون.