ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ٻه ڏينهن اڳ ميرواه روڊ تي اڳوڻي ايم اين اي مير منور خان ٽالپر جي ويجهي عزير مير سيف ٽالپر جي گاڏي تي فائرنگ واري معاملي ۾ پوليس پاران ڪا ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته متاثر ڌر جي وارثن مير غلام حسين ٽالپر پاران فائرنگ واقعي ۾   پوليس اهلڪارن جي هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان موقعي تي مير غلام حسين ٽالپر ٻڌايو ته منهنجو پٽ گهروارن سان گڏجي وڃي رهيو هو ته سندس گاڏي تي  پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي, فائرنگ جي نتيجي ۾ منهنجو پٽ ۽ ٻيا فرد معجزانه طور بچي ويا ڪوب  جاني نقصان نه ٿيو.اهڙي اطلاع ايس ايس پي ميرپورخاص عادل ميمڻ کي ڏني آهي پر هن وقت تائين ڪا  ڪاروائي ناهي ٿي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جا نالا مير منور ٽالپر کي ڏنا آهن جيڪي آئي جي سنڌ کي ڏنا ويندا,هوڏانهن زريعن موجب ته جيوفينسنگ زريعي سي آئي اي انچارج ٽنڊواللهيار افضل مگسي جي لوڪيشن پڻ واقعي واري هنڌ آئي آهي،ان موقعي تي افضل مگسي سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اسان هڪ ڪيس جي جاچ دوران بدين ويا هئاسين جتان ٽنڊوباگو مان ٿيندا واپسي ميرواه روڊ تان ٽنڊواللهيار آيا هئاسين جنهن ڪري منهنجي لوڪيشن واقعي واري روڊ تي آئي آهي منهنجو فائرنگ واقعي سان ڪو تعلق ناهي,ان حوالي سان ايس ايس پي عادل ميمڻ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو آهي،جڏهن ته زريعن وٽان اهيو پڻ معلوم ٿيو آهي ته واقعي واري هنڌ تان هڪ موبائل فون هٿ آيو آهي جنهن تي پوليس جاچ ڪري رهي آهي,هوڏانهن ٻه ڏينهن گزرڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو آهي