ميرپورخاص(بيورو  رپورٽ) ميرپور خاص ۾مبينا تشدد بعد روڊ حادثو ڄاڻائي وارثن حوالي ڪيل زخمي نوجوان اسپتال ۾ فوت خبر موجب ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي حد مير محمد ڪالوني ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل ڀان سنگھه آباد واسي 21 سالن جو نوجوان انس راجپوت حيدرآباد سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آھي، جنھن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، ان ڏس ۾  فوتي نوجوان جي والد عمران راجپوت ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڇنڇر جي رات سندس پٽ گھران ٻاھر نڪري ويو ھو، ان بعد کين اطلاع مليو ته سندس پٽ جو حادثو ٿيو آھي، جنھن کي سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو ھو، جتان بعد ۾ کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي ھو فوت ٿي ويو، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس پٽ جي حالت حادثي ۾ زخمي ٿيڻ جھڙي نه ھئي، مٿس تشدد ڪيو ويو ھو، ھوڏانھن فوتي نوجوان جي دوست امن ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته ميرمحمد ڪالوني ۾ رھندڙ ڇوڪري کيس فون ڪري پنهنجي گهر گھرايو ھو، آئون انس سان گڏ جيئن ڪالونيءَ ۾ ڇوڪريءَ جي گھر پھتس ته ٻئي پاسي کان ڇوڪري جو مُڙس مُريد مڱڻھار سامھون اچي ويو، اسان جيئن موٽر سائيڪل گھُمائي ته مُريد اسان کي چور سمجهي سِر اُڇلائي اسان کي ھنئي، جيڪا انس کي مٿي ۾ لڳي ۽ ھو ڪري پيو، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته بعد ۾ علائقي واسين اسان کي سول اسپتال ميرپورخاص پھچايو، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو حادثو ناھي، نوجوان ھڪ عورت جي چڪر ۾ ويا ھئا، جتي عورت جي مُڙس نوجوان کي سر هڻي زخمي ڪيو، پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن.