ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾انٽرنيشنل فوڊ چين جي ھڪ فرنچائز کي باهه ڏئي ساڙڻ، ڦرلٽ ڪرڻ ۽ پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ واري ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻڌڻي ڪئي، پوليس جوابدار زبير پٺاڻ، شارخ، حمزا، اُساما، محمد الياس، شھر يار، رئيس قريشي، ثاقب، محمد امجد، آصف علي، ارباز سانڀري، دلشاد شيخ، شاھزيب عبدالمعيز، واجد، عبدالرحمن، بصيرالله، عبدالله، ولي پٺاڻ، ارشاد علي، محمد ذيشان، رجب علي شاهه، عقيل الرحمٰن، عبيدالله، فيضان، حماد الله، ڪاويا، محمد سعيد، عدنان ملڪ، حسن، رضي الله، محمد نعمان، امين الحق، نويد خان، طلحه ۽ تھذيب سميت 37کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي جاچ آفيسر پاران ڪيس ۾ رهيل 10 جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس ريمانڊ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت پاران رد ڪندي ڪيس ۾ گرفتار سمورن جوابدارن کي 4 ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي وڪيلن پاران جمع ڪرايل ضمانتن واري درخواستن تي دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت پاران فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ان موقعي تي عدالت ٻاهران جوابدارن جي وڪيل غلام نبي ميئو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي جاچ آفيسر سيد عاطف شاهه عدالت کان وڌيڪ پوليس ريمانڊ جي استدعا ڪئي، جيڪا عدالت سڳوري رد ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران ڳالھيندي ڪيس جي جاچ آفيسر عاطف شاهه چيو ته سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.