ميرپورخاص(ن پ ا) وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آپريشنز بلوير سنگھه سوڍو جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف ڪالجن جي ڪينٽنن تي ڇاپو هنيو،ڇاپي دوران غيرمعياري شيون استعمال ڪرڻ تي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ٻن ڪينٽينن کي 30 هزار جو جرمانو ڪيو ويو,جڏهن تي فوڊ اٿارٽي پاران ڏنل ايس او پي تي عمل ڪرڻ لاء هڪ هفتي جي مهلت ڏني وئي آهي،ان موقعي تي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آپريشنز بلوير سنگھ سوڍو ٻڌايو تي وزير اعلي سنڌ جي هدايتن تي ڪاروائيون شروع ڪيون آهن،هن وقت شهر جي ڪالجن ۾ ڇاپا هڻي رهيا آهيون،پهرين مرحلي ۾ جرمانا ۽ مهلت ڏني پئي وڃي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ دڪان سيل ڪيا ويندا,هن چيو ته اسان جي ڪاروائين جو مقصد عوام کي صاف سٿرو شيون کارايون وڃن