ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سانگهڙ جي ڳوٺ لونگ خان ۾ رهندڙ هندو برادريءَ جو جوڙو سروڻ ڪولهي ۽ چندران ڪولهي ٻيهر شادي ڪرڻ بعد مائٽن کان ڌمڪيون ملڻ تي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته اٽڪل ٻه سال اڳ اسان جي شادي ٿي هئي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ جدا ٿي ويا هئاسين جنهن بعد چندرن ڪولهي ٻي جاءِ تي شادي ڪئي هئي، جتي چندران مٿان هو تشدد ڪندا هئا، گذريل ڏينهن اسان ٻنهي ٻيهر شادي ڪئي آهي جنهن بعد چندران جي مائٽن ملوڪ اوڍ، دليپ، وزير ۽ ٻيا اسان کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.