ميرپورخاص ۾ زميندار چاڪر مري جي خون جو جرڳو، ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ، ڳوٺ بدر

0
32
ميرپورخاص ۾ زميندار چاڪر مري جي خون جو جرڳو، ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ، ڳوٺ بدر
ميرپورخاص ۾ زميندار چاڪر مري جي خون جو جرڳو، ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ، ڳوٺ بدر

ميرپورخاص/سنڌڙي(بيورو  رپورٽ+ن پ ا) چار سال اڳ ميرپورخاص شهر  ۾ ڪھاڙيون هڻي قتل ڪيل زميندار چاڪر خان مري جي قتل جو جرڳو، جوابدار ڌر تي ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ، جوابدار ڌر ڳوٺ خالي ڪري لڏو به کڻندي، رپورٽ موجب چار سال اڳ ميرپورخاص شهر جي کاڻ ناڪي واري علائقي ۾ هوٽل تي ويٺل کاڻ جي رهواسي زميندار چاڪر خان مري کي ڪھاڙيون هڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو پ پ اڳواڻ غلام قادر مري، سيد ظفر شاھه، امجد شاهه جي سرپئنچي ۾کاڻ ڀرسان ٿي گذريو، جنهن ۾ ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل حاجي ٽڪر مري واري ڌر تي ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن مان 10 لک رپيا مقتول چاڪر مري جي پٽ جاويد مري پاران موقعي تي معاف ڪيا ويا، جڏھن ته فيصلي ۾ اهو پڻ طئه ٿيو ته جوابدار ڌر ميڙ وٺي تڏو بخشرائيندي ۽ ڳوٺ مان لڏو پڻ کڻندي، واضح رهي ته ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدار حاجي ٽڪر ولد محمد جمن مري، سائين بخش ولد حاجي ٽڪر مري، علي دوست ولد خميسو مري ۽ ولي محمد ولد خميسو مري هن وقت به جيل ۾ آهن، جن کي ڪورٽ ڦاسي جي سزا پڻ ٻڌائي چڪي آهي، جڏھن ته فيصلي ۾ مري برادري جون معزز شخصيتون مير آچر مري، محمد خان مري، سائينداد مري ۽ ممتاز مري پڻ موجود هئا، يو سي چيرمين سامارو موري آچر مري ٻڌايو ته چاڪر مري جو قتل جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي فيصلي ۾ ٽڪر مري وارن تي ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ ۽ تڏو بخش ڪرايندا.