ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) حيسڪو طرفان لائين مينن بابت ”سيفٽي سيمينار“ مقررن چيو آھي ته پنھنجي بچاءُ جا اصول اختيار نه ڪرڻ سبب ڪيترن لائين مينن جون زندگيون داءَ تي لڳي وڃن ٿيون، سرڪل مئنيجر آپريشن امير احمد ميمڻ، ريجنل ٽريننگ سينٽر جي پرنسيپل صفدر ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سيفٽي امجد شيخ وڌيڪ چيو ته اڪثر طور لائين مين بنا سيفٽي اوزارن جي ٿنڀن تي چڙھي وڃن ٿا، يا وري ھو گرڊ اسٽيشن سان رابطي ۾ نه ٿا اچن، جنھن ڪري لوڊشيڊنگ دوران بند ٿيل لائين ۾ جڏھن ڪرنٽ ڇڏيو ٿو وڃي ته حادثا پيش اچن ٿا، انڪري حيسڪو طرفان جيڪي بچاءُ بابت جيڪي اصول جوڙيل آھن. سيمينار ۾ حيسڪو سان لاڳاپيل لائين مين سان گڏوگڏ واپڊ ھائيڊرو يونين جي زونل چيئرمين شاھد قائمخاني، ڊويزنل چيئرمين شاھد ڪاظمي، ايڪسيئن ڊگھڙي عبدالوحيد ٻرڙو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.