ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ويسٽ جمڙائو ڪئنال مان 5 ڪلوميٽر مفاصلي تي مشتمل جرواري شاخ مسلسل بند ھجڻ سبب پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، ڪجهه ڏينهن اڳ پڪو ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو ھو، جڏھن ته اڌ حصو پڪو ڪرڻ بعد ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو، جرواري شاخ ۾ گند ڪچري سان مڪمل ڀريل آهي، ھن شاخ شھر جي سيٽلائيٽ ٽائون واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ پاڻي اچي ٿو ان کان سواءِ شاخ تي زرعي آبادي پڻ آھي، شاخ مسلسل بند ھجڻ سبب فصل پوکجي نه سگھيا آهن، ان حوالي سان علائقي واسين موجب شاخ کي پڪو ڪرڻ وارو ڪم رولڙي جو شڪار آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي.