ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٻچن کي جنم ڪُتي مارڻ جو آصفه ڀٽو نوٽيس ورتو، 2 ڪائونسلر گرفتار، بيان قلمبند ڪرڻ بعد آزاد خبر موجب يوسي 4 سيٽلائٽ ٿاڻي جي پوليس عوامي شڪايتن تي زهر ڏئي ماريل ڪُتي کي پالتو ڪُتِي ڄاڻائي ٻن ڪائونسلرن ڪاشف اقبال ۽ سيد لياقت شاهه کي ٿاڻي تي گھرائي کين گرفتار ڪري ويهاري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي علائقي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، جن پاران ڪُتِي کي مارڻ لاءِ ڪائونسلرن کي درخواست ڏيڻ ۽ ڪُتِي مان پريشان هجڻ سميت ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ ٻارن تي ڀونڪڻ ۽ ڏاڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي شڪايت ڪرڻ جي گواهي ڏيندي لکت ۾ بيان ڏيڻ بعد ٻنهي ڪائونسلرن کي آزاد ڪيو ويو ۽ واقعي جي جاچ دوران ٻنهي ڪائونسلرن کي ٻيهر بيان لاءِ طلب ڪرڻ جي صورت ۾ ٿاڻي اچڻ جو پابند بنائڻ بعد آزاد ڪيو ويو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي پوليس پاران گرفتار ڪيل ڪائونسلر ڪاشف اقبال چيو ته پاڙي ۾ هڪ ڪُتِي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ ٻچن کي جنم ڏنو آهي، کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳل هو، جنهن ۾ ڪيڙا پيل هئا، جيڪا ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ ٻارن تي ڀونڪندي کين ڏاڙهڻ جي ڪوشش پڻ ڪندي هئي، هڪ هفتو اڳ به پاڙي وارن ان ڪُتِي جي حوالي سان شڪايتون ڪيون هيون، سندن شڪايتن تي ڪُتِي کي پاڙي مان ڀڄايو به ويو پر هو ٻيهر گھٽي ۾ ويهي رهي، جنهن مان پاڙي وارا خوف زده هئا ۽ ان کي مارڻ لاءِ اسان کي مدد ڪرڻ جو چيو پاڙي وارن جي شڪايتن تي اسان ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي کي اوزارن ۽ زهر سميت گھرائي ڪُتِي کي زهر ڏياري ماريو ويو ۽ ان بابت ڪارروائي اسان جي خلاف ٿي آهي، واضع رهي ته ميرپورخاص جي علائقي بسم الله مسجد ويجھو ٻچن کي جنم ڏيندڙ ڪُتي کي مارڻ جو ايم اين اي آصفه ڀٽو نوٽيس ورتو هو، جنھن تي ايس ايس پي ميرپورخاص ڊي ايس پي سي آءِ اي ۽ ڊي ايس پي ھيڊڪواٽر جي سربراھي ۾ ٽيم جوڙي ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا.