ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري قيمتن ۾ واڌ  ڪئي وئي آهي، جنهن بعد اٽو 95 کان 100 روپيا في ڪلو وڪامي رهيو آهي، جنهن ڪري غريب طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هوڏانهن مرضي جا اگهه مقرر ڪندڙ واپارين ۽ چڪي مالڪن خلاف انتظاميا ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هتان جي سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهه ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ملوث واپارين ۽ چڪي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،