ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ايپڪا پاران تعليمي بورڊ ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي جي چيئرمينز ۽ سيڪريٽرين پاران ملازمن کي غيرقانوني معطل ڪرڻ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي عهديدارن بچل وساڻ، صلاح الدين سمون، ارشدا ۽ ٻين چيو ته غيرآئيني ۽ غيرقانوني طريقي سان ملازمن کي معطل ڪري ليٽر جاري ڪرڻ ناانصافي آهي، هنن چيو ته تعليمي بورڊز جا چيئرمين تعليمي ادارن کي سڌارڻ بدران تباهه ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي بورڊز چيئرمينز کي هٽائي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي.