ميرپورخاص(بيورورپورٽ) تعليمي بورڊ جي چيئرمين سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ناظم امتحانات انور عليم خانزاده سال 2023ع ٻارهين درجي جي پري ميڊيڪل،پري انجنيئرنگ ۽ آرٽس ڪامرس گروپ جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. نتيجن موجب هن سال پوزيشنون ماڻڻ ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن کان اڳڀريون رهيون، انٽر پري انجنيئرنگ گروپ ۾ ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص جي شاگردياڻي عطيه 9 سو 57 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، سنڌ پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ جي ٽن شاگردن آرتي، سمت ڪمار ۽ مسڪان 9 سو 54 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، ابن رشد گرلز ڪاليج جي شاگردياڻي حفصه بي بي 9 سو 52 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. جاري ڪيل نتيجن موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏيپلو جي جگجيت سنگھه 9 سو 81 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، سنڌ پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ جي شاگردياڻي ثانيه ۽ نيو لائف پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنري جي شاگردياڻي مسڪان 9 سو 72 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، اهڙي طرح سنڌ پبلڪ هائير سيڪينڊري اسڪول عمرڪوٽ جي شاگردياڻي صفيه نيو لائف هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنري جي شاگردياڻي پيا ۽ ايس ايم بي بي گورنمنٽ هائير سيڪرينڊري اسڪول ميرپورخاص جي شاگردياڻي سميا عارب 9 سو 70 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي,پري انجينرئنگ گروپ ۾ 41 سو 55 اميدوارن حصو ورتو. جن مان 5 سو 63 شاگردن ۽ شاگردياڻين اي ون گريڊ حاصل ڪيو، جڏهن ته 14 سو 44 اميدوارن اَي گريڊ،1 هزار 36 شاگردن ۽ شاگردياڻين بي گريڊ، 4 سو 29 اميدوارن سي گريڊ ۽ 36 شاگرد ڊي گريڊ ۾ پاس ٿيا. اهڙيءَ ريت مجموعي ڪامياب اميدوارن جو ريشو 84.43 سيڪڙو رهيو. جاري ڪيل نتيجن موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ 13 هزار 2 سو 95 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 27 سو 51 اميدوارن اَي ون گريڊ،53 سو 59 اميدوار اي گريڊ،31 سو 10 اميدوار بي گريڊ،5 سو 82 اميدوارن سي گريڊ ۽ 25 اميدوارن ڊي گريڊ حاصل ڪيو.اهڙيءَ ريت مجموعي ڪامياب اميدوارن جو ريشو 88.96 سيڪڙو رهيو