ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ضلعي ۾ ڏيڍ مھينو اڳ برساتون پوڻ سبب ھزارين ماڻھو متاثر  ٿي روڊن تي بي يار و مددگار بڻيل رھيا پر ضلعي انتظاميه پاران ڪا به سھائتا نه ڪئي وئي، جڏھن ته ان وقت پي ڊي ايم اي پاران متاثرن لاءِ مليل سامان ضلعي انتظاميه پاران تقسيم ڪرڻ بدران شھيد بينظير ڀٽو فروٽ فارم ھال جي گودام ۾ رکي ڇڏيو ھو، ميڊيا کي معلومات ملڻ تي ميڊيا جي ٽيم ڄاڻايل گودام تي پھتي ته انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، معاملي کي لڪائڻ خاطر فوري طور مزدائن ذريعي سامان کي ضلعي جھڏو منتقل ڪيو ويو. ضلعي انتظاميه پاران سامان جھڏو روانو ڪرڻ لاءِ ڊي سي پاران جاري ڪيل ليٽر ھٿ آيو، جڏهن ته ليٽر  نمبر 859 ھڪ مھينو اڳ بتاريخ 2024-09-12 تي ڊپٽي ڪمشنر جي صحيح سان جاري ڪيو ويو ھو، سامان مختيار ڪار حسين بخش مري سجاد خاصخيلي جي نگراني ۾ جھڏو روانو ڪيو ويو، ان موقعي تي مختيارڪار سجاد خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گودام ۾ پيل سامان بابت ڪا ڄاڻ ناھي، ليٽر ۾ ڄاڻايل سامان پي ڊي ايم اي پاران موڪليو جنھن ۾ 800 ٽينٽ، 2000 ھزار مڇرداڻيون، 1500 ترپال، 800 ڪچن سيٽ، 800 پاڻي جا گيلن، 800 ھائي جين ڪٽ شامل آھن، جيڪي اي سي جھڏو ڏانھن موڪلي رھيا آھيون، واضح رھي ته برساتن دوران ضلعي جي جھڏو، سنڌڙي، ڪوٽ غلام محمد محمد، حسين بخش مري سميت ٻين تعلقن م ھزارين برسات متاثر روڊن تي بي يار و مددگار بڻيل ھئا پر انتظاميا پاران مليل سامان تقسيم ڪرڻ بدران گودام ۾ رکيو ويو، جڏھن ته ضلعي ۾ مڇرن جي آزار سبب ھزارين ماڻھو مليريا جي بيماري ۾ مبتلا ھجڻ باوجود ھزارن جي تعداد ۾ پيل مڇر داڻيون تقسيم نه ڪيون ويون، گودام ۾ اڃا تائين ھزارن جي تعداد ۾ امدادي سامان پيل آھي، جڏھن ته برساتن دوران سنڌ حڪومت پاران ضلعي ۾ مقرر ڪيل فوڪل پرسن مير طارق ٽالپر کي انتظاميا سرمو پارائي ڇڏيو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ڄاڻايل سامان انتظاميا پاران مبينا وڪرو ڪرڻ لاء گودام ۾ رکيو ھو، گودام ۾ پيل سامان جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر رشيد مسعود ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته رستا بحال ٿيڻ بعد اسان ڄاڻايل علائقن جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي معرفت انگ اکر گڏ ڪيا آھن، سامان انھن علائقن ڏانھن موڪلي رھيا آھيون.