ميرپورخاص (بيورورپورٽ) پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پهرين انٽر اسڪول اينڊ ڪاليجز بوائز اينڊ گرلز رساڪشي جا مقابلا منعقد ڪيا ويا. چيمپيئن شپ جي آرگنائيزر ۽ پبلڪ اسڪول فزيڪل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر انوار الحق موجب هن چيمپيئن شپ ۾ 16 ڇوڪرن ۽ 8 ڇوڪرين جي ٽيمن حصو ورتو. چيمپيئن شپ جو پهريون سيمي فائنل ميزبان پبلڪ اسڪول ۽ اي جي ڪاليج وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ اي جي ڪاليج جي ٽيم پبلڪ اسڪول جي ٽيم کان 2-1 پول تان کٽي ورتو. ٻئي سيمي فائنل ۾ زيبسٽ ڪاليج جي ٽيم گورنمينٽ ماڊل ڪاليج جي ٽيم کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 2 پول تان شڪست ڏني. ڇوڪرين جي پهرئين سيمي فائنل ۾ ابن رشد جي ٽيم اي جي ڪاليج جي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏني ۽ ٻئي سيمي فائنل ۾ پبلڪ اسڪول جي ٽيم زيبسٽ ڪاليج جي ٽيم کي پڻ 2-0 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتا. بوائز فائنل ۾ زيبسٽ ڪاليج جي ٽيم اي جي ڪاليج جي ٽيم کي شڪست ڏئي بوائز چيمپيئن شپ کٽي ورتي. جڏهن ته گرلز فائنل ۾ پبلڪ اسڪول جي ٽيم گورنمينٽ شاهه عبداللطيف گرلز ڪاليج جي ٽيم کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 2 پول تان شڪست ڏئي چيمپيئن شپ کٽي ورتي. ان موقعي تي پبلڪ اسڪول جي پرنسپل عمران لاڙڪ سڀني ٽيمن ۽ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ تقريب جي مهمان خاص ڊپٽي ميئر ميونسپل ڪارپوريشن جنيد بلند پاران رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي چيمپيئن ٽيمن کي 8- 8 هزار روپيا ۽ هارائيندڙ ٽيمن کي 5- 5 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.