ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي چيئرمين سعيد غني چيو آهي ته سنڌ سالڊ ويسٽ بورڊ کي ڪراچي جي ڪچري جي 2 ري سائيڪلنگ پلانٽس جي انتظامن کي منظم ڪرڻ لاءِ اخبارن ذريعي تجويزون طلب ڪرڻ گهرجن، ڪراچي ۾ روزانو 4 هزار ٽن ڪچري کي استعمال لائق بڻائڻ لاءِ اڀياس کي مڪمل ڪرايو وڃي، ڪالهه سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي اجلاس ۾ بورڊ جي 2024-25ع جي سالياني بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، مالي سال دوران خرچ جو اندازو 39.5 ارب رپيا آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضلعي اوڀر لاءِ هڪ نئين ڪمپني سان معاهدي لاءِ ٽينڊر جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، اهو ٺيڪو پاڪستاني ڪرنسي ۾ هوندو. اجلاس ۾ شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ۾ ڪچري جي منتقلي ۽ لينڊ فل سائيٽ لاءِ زمين جي دستيابي بابت رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪاميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي، مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي سربراهي واري ڪاميٽي ۾ ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جا ميئر، ڊپٽي ڪمشنر، سالڊ ويسٽ جو ايم ڊي ۽ سالڊ ويسٽ جا ٽيڪنيڪل ميمبر شامل هوندا.