ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڪاري قرار ڏنل عورت عدالت پيش، دارالامان حوالي، مقتول جو ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار خبر موجب ميرپورخاص لڳ ڳوٺ غلام الدين شر ۾ ڪارنهن الزام ھيٺ بيدردي سان قتل ٿيل وحيد علي شر جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي ته جڏهن ته مقتول جي چاچي ضامن علي شر جي فرياد تي تعلقي ٿاڻي تي 5 جوابدارن محمد اسماعيل شر، ڌڻي بخش شر، سليمان شر، ڪرامت علي شر ۽ محب علي شر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تعلقه پوليس حفاظتي تحويل ۾ ورتل ۽ ڪاري جي الزام ھيٺ آيل عورت مسمات ڪنول شر کي عدالت ۾ پيش ڪري بيان قلمند ڪرائڻ بعد عدالتي حڪم دارالامان حوالي ڪري ڇڏي آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او آفتاب رند “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته متاثر ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيوسين، جتي ھن مڙس وٽ وڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته منهنجي ساھرن جو منهنجي مائٽن سان ڪجهه عرصي کان گھرو تڪرار ھلندڙ آهي، جنهن سبب مون کي منهنجا ڏير ڪوڙي الزام ھيٺ قتل ڪرڻ چاھين ٿا، جن مان جان جو خطرو آھي، تحفظ فراھم ڪيو وڃي، ٻئي طرف پوليس قتل جي الزام ھيٺ آيل ٻن جوابدارن اسماعيل شر ۽ ڌڻي بخش شر کي گرفتار ڪري وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آھن.