ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص ۾ پ پ سان لاڳاپيل ميئر عبدالرئوف غوري جي وڏي ڀاءُ عبدالغني غوري صبح جي ٽائيم پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ آفتاب قريشيءَ سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي عبدالغني غوري چيو ھو ته اسان نه اڳ ۾ پوليس کان ڪڏھن ڊنا آھيون، نھ ئي پنھنجي حقن جي ڳالھين تان ٿِڙيا يا وِڪيا آھيون. ھن چيو تھ عمران خان جيل ۾ ان ڪري آھي جو ھو پاڪستان ۽ عوام جي حقن لاءِ وڙھيو آھي، ان ڪري شموليت اختيار ڪئي اٿم. سندس اھڙي اعلان بعد پارٽي قيادت پاران نوٽينس ورتو ويو، جنھن بعد صوبائي وزير ذوالفقار شاھ عبدالغني غوري، سندس ڀاءُ عبدالرئوف غوري ۽ جبار غوري سان ملاقات ڪري سندن ڳالھيون ٻڌيون ۽ سندن وچ ۾ موجود اختلافن کي ختم ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳالھائيندي عبدالغني غوري چيو تھ سندن ملڪيت جي معاملن تي اختلاف ھئا، جيڪي نبرجي ويا آھن. ھن چيو تھ اڄ صبح پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا عبدالحق کيس فون ڪيو, جتي ھو ويو تھ حليم عادل شيخ کيس مفلر اوڍايو. ھن چيو تھ سندن جيئن مرڻ پ پ سان آھي. ذوالفقار شاھ ڳالھائيندي چيو تھ پي ٽي آءِ وارا سدائين اھڙا ڏڦيڙ پيدا ڪندا آھن، ذاتي مسئلي کي سياسي رنگ ڏنو ويو. ميئر عبدالرئوف غوري چيو تھ اسان ڀائرن ۾ ننڍڙا اختلاف ھئا، انھن اختلافن کي غلط رنگ ڏئي منھنجي ڀاءَ کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرڻ جي اعلان جو رنگ ڏنو ويو. ھن چيو تھ اسان سڀ پ پ ۾ ئي آھيون، مخالفن جي سازش ناڪام ٿي آھي.